گمبٽ: (ممتاز ميمڻ) گمبٽ ڀرسان کهڙا جي غريب آباد پاڙي مان ڏيڍ مهينو اڳ پراسرار نموني گم ٿيل شادي شده عورت 30 ورهين جي رخسانه کهڙو جو اڃا تائين ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، جڏهن ته وارث سخت پريشان آهن.
گم ٿيل عورت جي امڙ حاجل خاتون روئيندي ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي ڳوٺ شاديءَ جي تقريب ۾ ويا هئا، واپس گهر پهتا ته سندن نياڻي گهر ۾ موجود نه هئي. سندس چوڻ هو ته کين شڪ آهي ته رخسانه کي اغوا ڪيو ويو آهي.
امڙ وڌيڪ چيو ته هوءَ هڪ غريب بيواهه آهي، ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود ڪافي ڳولا ڪئي وئي، پر ڌيءَ جو ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو. واقعي بابت کهڙا ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي وئي، پر پوليس اڃا تائين عورت کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
هن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندس ڌيءَ کي جلد بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.


