پيرجوڳوٺ ڀرسان زمين جي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، ٽي زخمي

2 Min Read

خيرپور (شڪيل جانوري) پيرجوڳوٺ ڀرسان ڳوٺ فقير فاضل راهوجو ۾ زمين جي مالڪي جي تڪرار تان درگاهه شريف پيرجوڳوٺ جي جماعتي فقيرن ۽ راهوجا برادري جي ماڻهن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

واقعي ۾ پنو عاقل واسي، درگاهه شريف پيرجوڳوٺ جو جماعتي فقير 45 ورهين جو فقير محرم ڪلهوڙو موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته فقير نور محمد ڪلهوڙو، معشوق علي راهوجو ۽ مير حسن راهوجو گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا.

مارجي ويل ۽ زخمين کي پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي فقير محرم ڪلهوڙو جو پوسٽ مارٽم جاري آهي، جڏهن ته ٽنهي زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

واقعي کان پوءِ درگاهه شريف پيرجوڳوٺ جي فقيرن الزام هنيو آهي ته راهوجا برادري جي ماڻهن درگاهه جي زمين تي زبردستي قبضو ڪيو ۽ صبح سوير حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ فقير مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿيو.

ٻئي طرف راهوجا برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته تڪراري زمين سندن ملڪيت آهي ۽ درگاهه شريف جي ماڻهن بنا جواز حملو ڪري کين نشانو بڻايو.

واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي، جڏهن ته پوليس وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Share This Article
Leave a Comment