ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف مختلف ملڪن ۾ ڪارروايون تيز ٿي ويون آهن، جتي انتظامي ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو پيو وڃي.
رپورٽن موجب پولينڊ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ 71 پناهگيرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڪيترائي افغان شهري پڻ شامل آهن.
ٻئي طرف ترڪي ۾ به غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف ڪارروائي ڪندي 20 افغان شهرين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
ترڪي جي اميگريشن اختيارين موجب گذريل 6 مهينن دوران 19 هزار 574 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪي ملڪ ۾ غيرقانوني طور رهيل هئا.
رپورٽن مطابق پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ غيرقانوني پناهگيرن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن، جڏهن ته اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي قدم قانون لاڳو ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي معاملن کي نظر ۾ رکندي کنيا پيا وڃن.


