گمبٽ ڀرسان روهڙي ڪئنال مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ

1 Min Read

گمبٽ: (ممتاز ميمڻ) گمبٽ ڀرسان روهڙي ڪئنال مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ آيو آهي.

مقامي ماڻهن موجب، ڪئنال جي پاڻي ۾ لاش لڙهندو ڏسي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش کي پاڻي مان ڪڍي ٻاهر آندو.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب لاش پاڻي ۾ رهڻ سبب ڳري ويو آهي، جنهن ڪري فوري طور تي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ لاش جي سڃاڻپ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment