حيدرآباد: غيرقانوني کاڻ کوٽائي جون شڪايتون، حيدرآباد جو ڊپٽي ڊائريڪٽر معطل

1 Min Read

حيدرآباد: (ذاڪر لغاري) سنڌ جي معدنيات واري وزير سيد سردار علي شاهه جي هدايتن تي غيرقانوني کاڻ کوٽائي بابت مليل شڪايتن کانپوءِ معدنيات کاتي وڏي ڪارروائي ڪندي ريجنل آفيس منرل ڊولپمينٽ حيدرآباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر (ٽيڪ) عمران حيدر ميمڻ کي فوري طور معطل ڪري ڇڏيو آهي.

جاري ڪيل حڪم موجب معطلي فوري طور لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاڳاپيل آفيسر خلاف سنڌ سول سرونٽس (ايفيشنسي اينڊ ڊسپلن) رولز 1973 تحت کاتيوار جاچ ۽ ڪارروائي ڪئي ويندي. معطل آفيسر کي مجاز اٿارٽي جي اجازت کانسواءِ هيڊڪوارٽر ڇڏڻ کان به روڪيو ويو آهي.

وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته غيرقانوني کاڻ کوٽائي، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ قانوني ضابطن جي ڀڃڪڙي خلاف حڪومت جي زيرو ٽالرنس پاليسي تحت بنا ڪنهن امتياز جي سخت ڪارروائي جاري رهندي. هن چيو ته غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن ۽ انهن جي سرپرستن کي قانون موجب جوابده بڻايو ويندو.

واضح رهي ته ان کان اڳ به ساڳين شڪايتن تي ڊائريڪٽوريٽ جنرل مائنز اينڊ منرل ڊولپمينٽ سنڌ جي هڪ آفيسر ۽ هڪ اسسٽنٽ خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي هئي.

Share This Article
Leave a Comment