آمريڪا پاران ايران تي وڏا فضائي حملا، جواب ۾ ايران ڪويت ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو

2 Min Read

واشنگٽن / تهران / اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سڌي سنئين حڪم تي آمريڪي فوج ايران تي وڏا فضائي حملا ڪيا آهن، جنهن کانپوءِ وچ اوڀر ۾ جنگ جا ڪڪر ڇانيل آهن.

رپورٽن موجب، گذريل ڏينهن ايران پاران ڪيل حملن ۾ آمريڪي فوجي اختيارين جي مارجڻ ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ جو بدلو وٺڻ لاءِ هي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

روسي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ٽرمپ پينٽاگون کي ايران تي سڌي سنئين بمباري ڪرڻ جا سخت حڪم جاري ڪيا هئا، جنهن بعد ايران جي مختلف شهرن ۾ شديد ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن.

آمريڪي حملن جي جواب ۾ ايران پڻ سخت ردعمل ڏيندي ڪويت ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائل حملا ڪيا آهن.

آمريڪي مرڪزي ڪمانڊ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ حملن جي تصديق ڪندي صورتحال جو جائزو وٺڻ جو اشارو ڏنو آهي.

هوڏانهن روسي ذريعن اها حيرت انگيز دعويٰ پڻ ڪئي آهي ته ايران آمريڪي ميزائل دفاعي نظام جو توڙ ڳولي ورتو آهي، جنهن ڪري هو آمريڪي هدفن تي درست نشاني تي حملا ڪري رهيو آهي.

سعودي عرب ايران جي حدن ۽ خطي ۾ ٿيندڙ آمريڪي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

يو اي اي واضح ڪيو آهي ته رهائشي ۽ شهري علائقن تي حملا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن.

يورپي يونين ۽ نار ملڪن ايران پاران هرمز لنگهه تان گذرندڙ بحري جهازن تي ڪنهن به قسم جو اجازت نامو مڙهڻ يا فيس اوڳاڙڻ جي سخت مخالفت ڪئي آهي.

ٻئي طرف، امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي آمريڪي پرڏيهي وزارت سڄي دنيا ۾ موجود پنهنجي شهرين لاءِ هاءِ الرٽ سفري هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

پيدا ٿيل جنگي صورتحال تي ڳالهائيندي ايراني صدر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن ڏکي وقت ۾ “قومي ٻڌي ۽ سپريم ليڊر جي رهنمائي” ئي ايران جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن ۽ ايران پنهنجو دفاع ڪرڻ چڱي ريت ڄاڻي ٿو.

Share This Article
Leave a Comment