ڏهرڪي (علي رضا راجپوت) اوٻاوڙو جي رونتي واري ڪچي جي علائقي ۾ جاري پوليس آپريشن دوران هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ نينگري مارجي ويون.
ذريعن موجب مارجي ويل عورت جي سڃاڻپ مائي سومري، جڏهن ته نينگري جي سڃاڻپ ريحانه شر طور ٿي آهي.
مارجي ويلن جي وارثن الزام لڳايو آهي ته سندن گهر تي ڊرون حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت ۽ نينگري حياتي وڃائي ويٺيون.
ٻئي طرف پوليس طرفان هن واقعي بابت اڃا تائين ڪو به باضابطه موقف جاري نه ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري وارثن جي الزام جي سرڪاري طور تصديق نه ٿي سگهي آهي.
پوليس ذريعن موجب رونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ بدنام ڏوهاري رانو شر خلاف گذريل ٽن ڏينهن کان آپريشن جاري آهي، جڏهن ته عورت ۽ نينگري جي مارجڻ واري واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.


