ٽنڊو محمد خان (امتياز منڱريو) ٽنڊو محمد خان ڀرسان ڳوٺ ڀورو ڪولهي وٽ سارين جي فصل مان 28 ورهين جي اڻڄاتل نوجوان جو لاش هٿ آيو.
اطلاع ملڻ تي پوليس سِفٽ جي رضاڪارن سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي فصل مان ڪڍي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب لاش جي کيسي مان پوليس جو هڪ ڪارڊ مليو، پر اهو ڌنڌلو هجڻ سبب ان مان ڪا به سڃاڻپ نه ٿي سگهي.
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته لاش جو چهرو پڻ سڃاڻپ کان ٻاهر آهي، تنهن ڪري لاش کي سڃاڻپ لاءِ اسپتال جي سردخاني ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


