ڪراچي: پرڏيهي عورت سان مبينا زيادتي جي ڪوشش، جوابدار گرفتار

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊفينس ۾ هڪ فليٽ ۾ پرڏيهي عورت سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

17 جولاءِ تي ڊفينس فيز 6 ۾ جوابدار عورت جي فليٽ ۾ آيو ۽ زيادتي جي ڪوشش ڪئي. متاثر عورت ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار کيس ڇڏڻ لاءِ آيو هو ۽ گهر اچڻ تي زيادتي جي ڪوشش ڪيائين، گوڙ ڪرڻ تي جوابدار فرار ٿي ويو.

پوليس موجب، جوابدار بعد ۾ پنهنجي موبائيل فون واپس وٺڻ ٻيهر آيو ته عورت گوڙ ڪيو جنهن تي هو ٻيهر فرار ٿي ويو.

پوليس موجب، عورت جو طبي معائنو ڪرائي فرانزڪ شاهدين جا نمونا گڏ ڪيا ويا آهن.

Share This Article
Leave a Comment