واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران پاران آمريڪا-ايران مفاهمتي يادداشت تي عمل نه ڪرڻ واري اعلان کي غير اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته کيس ان فيصلي جي ڪا به پرواهه ناهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ ٽيليفونڪ انٽرويو دوران صدر ٽرمپ کان ايران جي تازي اعلان بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي هن چيو، ” کيس ان جي بلڪل به پرواهه ناهي.”
ٽرمپ پنهنجي موقف کي ورجائيندي چيو ته آمريڪا جي بنيادي ترجيح اها آهي ته ايران ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪري سگهي. هن چيو ته واشنگٽن ايران جي جوهري پروگرام کي محدود رکڻ واري پاليسي تان پوئتي نه هٽندو.
واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گذريل مهيني جون جي وچ ڌاري هڪ مفاهمتي يادداشت تي اتفاق ٿيو هو، جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ گهٽائڻ هو.
پر تازن هفتن ۾ آبنائي هرمز جي انتظام، سامونڊي آمدرفت ۽ سلامتي بابت اختلافن سبب ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ٻيهر ڇڪتاڻ جو شڪار بڻجي ويا آهن، جنهن سان مفاهمتي يادداشت جي اثرائتيت به متاثر ٿي آهي.
سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي تازي بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سفارتي فاصلا ٻيهر وڌي رهيا آهن، جڏهن ته خطي ۾ جاري فوجي ڇڪتاڻ ڪنهن نئين بحران کي جنم ڏئي سگهي ٿي.


