سلمان خان بيمار؟ اداڪار جي نئين تصوير مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو

1 Min Read

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان هڪ سرڪاري تقريب ۾ شرڪت دوران پنهنجي ڪمزور صحت سبب مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب، سلمان خان ممبئي ۾ سلم ري هيبيليٽيشن اٿارٽي (SRA) پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن اداري جي نئين ڊيٽا ڪليڪشن اينڊ ويري فيڪيشن سپورٽ سينٽر (آءِ ٽي سرور روم) جو افتتاح ڪيو.

تقريب دوران سلمان خان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي، جنهن ۾ هو معمول کان وڌيڪ ڪمزور نظر اچي رهيو آهي.

وڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي مداحن مختلف ردعمل ظاهر ڪندي اداڪار جي صحت بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪيترن ئي مداحن سلمان خان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته سندس صحت بابت مختلف قياس آرائيون پڻ جاري آهن.

واضح رهي ته سلمان خان طرفان پنهنجي صحت بابت هن وقت تائين ڪو باضابطه بيان جاري ناهي ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment