پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير ۾ اڪثريت سان حڪومت ٺاهيندي: بلاول ڀٽو زرداري

2 Min Read

ڪوٽلي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ ايندڙ چونڊن کانپوءِ پيپلزپارٽي حڪومت ٺاهيندي ۽ ڪوٽلي جي هر سيٽ کٽڻ سندن هدف آهي.

ڪوٽلي ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، “جڏهن به ڪوٽلي ايندو آهيان ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ پنهنجي گهر آيو هجان.” هن چيو ته چوڌري ياسين نه رڳو پيپلزپارٽي پر سندس خاندان جو به وفادار ساٿي رهيو آهي.

هن چيو ته چونڊن دوران اميدوارن جو انگ سيٽن کان وڌيڪ هو، تنهن هوندي به پارٽي کي هدايت ڪئي وئي ته وفادار ڪارڪنن ۽ ساٿين کي ٽڪيٽون ڏنيون وڃن.

بلاول ڀٽو زرداري ڪارڪنن کي مخاطب ٿيندي چيو ته، مان پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو، هاڻي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ اوهان جي ذميواري آهي.”

هن وڌيڪ چيو ته هو مطلوب انقلابي جي پٽ کي اسيمبلي ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ۽ پيپلزپارٽي عوامي طاقت سان آزاد ڪشمير ۾ حڪومت قائم ڪندي.

بلاول ڀٽو زرداري الزام هنيو ته ڪجهه قوتون پوري ڪشمير کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جنهن جي هو سخت مخالفت ڪن ٿا.

بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته چونڊن کانپوءِ اميدوارن خلاف داخل ڪيل ڪيسن بابت هو پاڻ جائزو وٺندو، جڏهن ته عوام جي ووٽ جي طاقت سان پنهنجي اميدوارن کي عوامي عدالت ۾ سرخرو بڻايو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment