خيرپور ۾ شادي شده ناري گوليون هڻي قتل، لاش ڳجهي نموني دفنائڻ جي ڪوشش

1 Min Read

خيرپور (رپورٽ: شڪيل جانوري): خيرپور ڀرسان ڪنب ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محمد ڇتل ڪلهوڙو ۾ شادي شده نوجوان ناري رضيه ڪلهوڙو کي مبينا طور ڪارنهن جي الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته لاش کي ڳجهي نموني دفنائڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي.

اطلاعن موجب ناري جي پيرسن والد مدد ڪلهوڙو کي به گولي هڻي زخمي ڪيو ويو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوسٽ مارٽم مڪمل ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس موجب نامعلوم جوابدار گهر ۾ گهڙي ناري کي گوليون هڻي قتل ڪيو، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. ايس ايس پي خيرپور واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو حڪم ڏنو آهي.

واقعي کان پوءِ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي ڳجهي نموني دفنائڻ جي تياري ڪئي پئي وئي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، جڏهن ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي وڌيڪ جاچ جاري رکي آهي.

Share This Article
Leave a Comment