ٺل ۾ ٻه ڏينهن کان گم 4 ورهين جي معصوم منصب ٻرڙو جو نالي مان لاش هٿ

1 Min Read

جيڪب آباد (حاڪم علي) ٺل جي شهيد الله بخش ڪالوني مان ٻه ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل 4 ورهين جي معصوم نينگر منصب ٻرڙو جو لاش پاڻي جي نالي مان هٿ آيو آهي، جنهن بعد علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.

وارثن موجب نينگر ٻه ڏينهن اڳ گهر ٻاهران کيڏندي اوچتو گم ٿي ويو هو، جنهن جو اطلاع مقامي پوليس کي ڏنو ويو ۽ نينگر جي ڳولا لاءِ مختلف هنڌن تي ڪوششون جاري هيون.

اڄ صبح نينگر جو لاش پاڻي جي نالي مان هٿ اچڻ تي علائقي ۾ سوڳ جو ماحول مچي ويو، جڏهن ته وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن لاش کي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس موجب واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي نينگر جي موت جا اصل سبب سامهون اچي سگهندا.

معصوم ٻار جي المناڪ موت تي علائقي واسين ۽ شهرين ڏک جو اظهار ڪندي واقعي جي شفاف جاچ ۽ حقيقتون سامهون آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment