قمبر: (رپورٽر) جاگير واري علائقي پير ڪامل قريشي تي سوکا کڻي ويل 9 ورهين جي نينگري نگهت ڌيءَ عبدالحئي جتڪ جو 5 ڏينهن بعد ساروھ ڍنڍ مان ڳريل لاش هٿ آيو آهي.
اطلاع ملڻ تي غيبي ديرو ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نينگري جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب نينگري پنهنجي والدين سان گڏ پير ڪامل قريشي تي سوکا کڻي آئي هئي، جيڪا ذهني طور تي معذور ٻڌائي پئي وڃي. نينگري اوچتو پراسرار نموني گم ٿي وئي هئي، جنهن جي ڳولا جاري هئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرمي سبب لاش خراب ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته جهنگلي جانورن به لاش کي نقصان پهچايو آهي. تشدد بابت حتمي راءِ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي ڏئي سگهجي ٿي.
پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته حقيقتون پوسٽ مارٽم ۽ وڌيڪ تحقيق کانپوءِ سامهون اينديون.


