ڏوهارين سان نرمي برداشت نه ٿيندي : وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وڏا فيصلا

4 Min Read

ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت اهم اجلاس جي صدارت ڪندي چيو آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، جڏهن ته ڏوهارين، دهشتگردن، منشيات فروشن ۽ ڀتا خورن خلاف ڪنهن به قسم جي نرمي برداشت نه ڪئي ويندي.

وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران صوبي ۾ امن امان، دهشتگردي، اسٽريٽ ڪرائم، منشيات خلاف ڪاررواين، ڪچي جي علائقن ۾ آپريشنن ۽ جديد نگراني وارن منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2025 جي ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 2026 جي پهرين ڇهن مهينن دوران قتل جي واقعن ۾ 17.3 سيڪڙو، قتل سان گڏ ڦر ۾ 19.4 سيڪڙو، ڌاڙن ۽ ڦرن ۾ 18.9 سيڪڙو، ڪار ڦرڻ ۾ 23.9 سيڪڙو، موٽرسائيڪل ڦرڻ ۾ 31.1 سيڪڙو ۽ موٽرسائيڪل چوري ۾ 22.1 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. البته موبائل فون ڦرڻ جي واقعن ۾ واڌ کي ڳڻتي جوڳي قرار ڏيندي ان خلاف وڌيڪ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو ويو.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ پڻ اسٽريٽ ڪرائم جي مجموعي شرح ۾ 11.77 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته ڦر دوران جاني نقصان، گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي ڦر جي واقعن ۾ به نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

بريفنگ موجب پوليس 2026 جي پهرين ڇهن مهينن دوران 2,184 مقابلا ڪيا، 1,087 ڏوهاري ٽوليون ختم ڪيون، 187 ڏوهارين کي ماريو ۽ وڏي انگ ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪيو. منشيات خلاف مهم دوران 7,027 ڇاپا هڻي 7,468 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ 9,096 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته هيرون، چرس، آئس ۽ شراب جي وڏي مقدار پڻ هٿ ڪئي وئي.

آءِ جي سنڌ موجب دهشتگردي سان لاڳاپيل واقعن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 75 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. سي ٽي ڊي 777 انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪري 355 مبينا دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته وڏي مقدار ۾ بارودي مواد، آءِ اي ڊيز، هٿ بم ۽ ٻيو خطرناڪ سامان به هٿ ڪيو ويو.

اجلاس دوران ڪچي جي علائقن ۾ جاري “آپريشن نجاتِ مهران” جي ڪارڪردگي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي، جنهن موجب 141 مقابلا ڪري 275 ڌاڙيل ماريا ويا، سوين جوابدار گرفتار ڪيا ويا ۽ ڪيترن ئي مغوين کي بازياب ڪرايو ويو.

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ جي پهرين مرحلي تحت 1,325 جديد ڪيمرائون نصب ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سنڌ سمارٽ سرويلنس سسٽم (S4) ذريعي مختلف ٽول پلازائن تي نگراني کي وڌيڪ مؤثر بڻايو ويو آهي، جنهن جي مدد سان سوين ڏوهارين کي گرفتار ۽ ڪيترين ئي گاڏين کي ضبط ڪيو ويو آهي.

اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن وڌيڪ تيز ڪيا وڃن، سرحدي نگراني کي مضبوط بڻايو وڃي، اسٽريٽ ڪرائم خاص ڪري موبائل فون ڦرڻ جي واقعن تي ضابطو آندو وڃي ۽ چيني شهرين، حساس تنصيبات، مذهبي گڏجاڻين ۽ پرڏيهي مشنز جي سيڪيورٽي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment