مٽياري جا معذور شهري 10 سالن کان نوڪرين جا منتظر، ڀٽ ڌڻي جي در تي دانهن کڻي پهتا

1 Min Read

ڀٽ شاهه (علي رضا ميرجت) 2015ع کان معذور ڪوٽا تحت سرڪاري نوڪرين جا منتظر مٽياري ضلعي جي معذور شهرين آخرڪار شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه تي پهچي پنهنجي فرياد پيش ڪئي.

احتجاج ڪندڙ معذور شهرين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي سال گذرڻ باوجود کين معذور ڪوٽا تحت نوڪريون فراهم نه ڪيون ويون، جنهن سبب هو سخت معاشي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

مظاهرين جو چوڻ هو ته حڪومت پاران بار بار يقين ڏيارڻ باوجود سندن مسئلو حل نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب هو مجبور ٿي احتجاجن جو رستو اختيار ڪري رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته معذور ڪوٽا تي عمل ڪري کين روزگار فراهم ڪيو وڃي ۽ سندن مسئلو فوري طور حل ڪيو وڃي.

احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن کين انصاف نه مليو ته هو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي ويندا. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي معذور ماڻهن کي حق ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment