اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا پيٽروليم شين جي اگهن جي روزاني بنيادن تي تعين ڪرڻ وارو نئون نظام منظور ڪري ورتو آهي، جنهن تحت هاڻي آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽرول ۽ ڊيزل جون ايڪس ڊيپو قيمتون هر روز جاري ڪندي.
نئين نظام موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون گذريل ست ڪاروباري ڏينهن دوران عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اوسط اگهن جي بنياد تي طئي ڪيون وينديون. ان سان گڏ قيمتن جو تعين عالمي مارڪيٽ جي لاڙن مطابق ڪيو ويندو.
اوگرا موجب هاڻي پيٽروليم شين جي اگهن جي اعلان لاءِ وزيراعظم يا وفاقي حڪومت کان اڳواٽ منظوري وٺڻ ضروري نه هوندي، ۽ اوگرا پاڻ روزاني بنيادن تي قيمتن جو اعلان ڪرڻ جي مجاز هوندي.
اوگرا وڌيڪ ٻڌايو ته ڇنڇر ۽ آچر تي اڳ ۾ جاري ڪيل قيمتون برقرار رهنديون، جڏهن ته پهرين جولاءِ 2026ع کان روزاني جي بنياد تي قيمتون اوگرا جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيون پيون وڃن.


