اَي آءِ سان انسانيت کي ڪهڙو خطرو آهي؟ ميٽا جي چيف ايگزيڪيوٽو جو اهم بيان

2 Min Read

واشنگٽن  ( ويب ڊيسڪ ) آرٽيفيشل انٽيليجنس  ( اي آءِ ) ٽيڪنالاجي سبب انسانيت کي پيش ايندڙ ممڪن خطرن بابت دنيا ڀر ۾ بحث جاري آهي.

ان حوالي سان ميٽا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مارڪ زڪر بگرگ اي آءِ بابت سڀ کان وڌيڪ ٿيندڙ ان اڳڪٿي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب هن ٽيڪنالاجي سبب ڪروڙين ماڻهو روزگار کان محروم ٿي ويندا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اي آءِ جي تيزي سان واڌ سبب دنيا ۾ وڏي پيماني تي نوڪريون ختم ٿي سگهن ٿيون. مارڪ زڪربرگ تازو ئي هڪ آمريڪي اخبار لاءِ لکيل پنهنجي مضمون ۾ زور ڏيندي چيو ته اي آءِ جو مستقبل ٽيڪنالاجي کان وڌيڪ ان ڳالهه تي دارومدار رکي ٿو ته ان تي ڪنٽرول ڪنهن وٽ هوندو.

هن چيو ته ترقي يافته اي آءِ تي حڪومتن يا طاقتور ادارن بدران وڏي پيماني تي عام ماڻهن جو ڪنٽرول هئڻ گهرجي.سندس خيال موجب، اي آءِ تائين عوام جي رسائي سان نوان موقعا پيدا ٿيندا، وڌيڪ ماڻهو ڪاروبار شروع ڪري سگهندا ۽ روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيندا.

مارڪ زڪربرگ موجب، هن لاءِ اها ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته اي آءِ تي ڪم ڪندڙ ڪيترائي ماڻهو پاڻ ئي خبردار ڪن ٿا ته هن ٽيڪنالاجي سبب بيشمار نوڪريون ختم ٿي وينديون ۽ انسان جو ڪردار گهٽجي ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي واقعي يقين آهي ته هي ٽيڪنالاجي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، ته پوءِ ان تي ايتري تيزي سان ڪم ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.سندس چوڻ هو ته هو يقين رکي ٿو ته اي آءِ ماڻهن لاءِ زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ ۾ مددگار اوزار ثابت ٿيندي.

مارڪ زڪربرگ وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي ٽيڪنالاجيون آيون آهن، جن ماڻهن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آندي ۽ عام ماڻهن کي اڳتي وڌڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا.

Share This Article
Leave a Comment