جنهن سسٽم ۾ رهون ٿا، اهو تباهه ٿي چڪو ، نوان انتظامي يونٽس يا نوان صوبا ئي مسئلي جو حل آهن: محسن نقوي

2 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ملڪ جي ترقي لاءِ نون انتظامي يونٽن يا صوبن جو قيام اڻٽر بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده نظام ناڪام ٿي چڪو آهي.

اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين اڪنامڪ سمٽ کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته هو عام طور سياسي تقرير کان پاسو ڪندو آهي، پر اڄ ڪجهه سياسي ڳالهيون ڪرڻ ضروري آهن. سندس چوڻ هو ته جنهن نظام ۾ اسين رهي رهيا آهيون، اهو عملي طور ڪم نٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن اهو ئي نظام هلندو رهيو ته ڏهن سالن کان پوءِ به اسان ساڳين مسئلن تي بحث ڪندا رهنداسين.

هن چيو ته جيستائين ملڪ جي بنيادي ڍانچي ۾ سڌارا نه آندا ويندا، تيستائين مسئلا ختم نه ٿيندا. سندس خيال هو ته نوان انتظامي يونٽ هجن يا صوبا، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ان طرف وڃڻو پوندو، ۽ ان معاملي تي عوام کي به اعتماد ۾ وٺڻو پوندو.

وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته نوجوان ميرٽ تي روزگار گهرن ٿا، ۽ جيڪڏهن هو گڏ ٿي ويا ته وڏيون تبديليون آڻي سگهن ٿا. هن چيو ته ملڪ جو هر سال قرض وڌي رهيو آهي، جڏهن ته بجيٽ به قرضن جي بار هيٺ تيار ڪئي وڃي ٿي.

سندس چوڻ هو ته جيستائين هن نظام کي ٻيهر منظم (ري سيٽ) نه ڪيو ويندو، تيستائين حقيقي بهتري ممڪن نه ٿيندي.

محسن نقوي وزيراعظم شهباز شريف جي حوالي سان چيو ته هو روزانو 12 کان 14 ڪلاڪ محنت ڪري ٿو ، پر صرف محنت سان مسئلا حل نه ٿيندا، ڇو ته موجوده حالتن ۾ حڪومت گهڻو ڪري رڳو هنگامي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ رڌل آهي.

Share This Article
Leave a Comment