مظفرآباد ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو آزاد ڪشمير کي پنجاب يا سنڌ وانگر نه، پر آزاد ڪشمير جي حيثيت سان ئي ڏسڻ چاهي ٿو. هن پي ٽي آءِ تي زور ڀريو ته چونڊن جي بائيڪاٽ واري پاليسي ختم ڪري ۽ شفاف چونڊن لاءِ گڏجي ڪم ڪري.
مظفرآباد ۾ پارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊن کان پوءِ هڪ آئيني ڪنوينشن گهرايو ويندو، جنهن ۾ حڪومت، مخالف ڌر، مهاجرن جي نمائندن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي کي به شامل ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته ڪشمير بابت فيصلا چونڊيل قانونساز اسيمبلي کي ڪرڻ گهرجن، جڏهن ته هو عوام جي ووٽ ۽ حق حاڪميت جو حامي آهي.
هن چيو ته هو ڪشميرين لاءِ ملڪيت ۽ روزگار جا حق چاهي ٿو، ۽ هر ترقياتي منصوبي ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا ملڻ گهرجن. بلاول موجب، مظفرآباد ۽ ميرپور ۾ انٽرنيٽ جون سهولتون وڌايون ويون آهن، جڏهن ته پونڇ ۾ به انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
ن ليگ تي تنقيد ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شايد لاهور ۾ ترقياتي ڪم ٿيا هجن، پر آزاد ڪشمير ۾ ن ليگ ڪا نمايان ڪارڪردگي نه ڏيکاري آهي. هن دعويٰ ڪئي ته آزاد ڪشمير ۾ يونيورسٽين جو قيام ۽ ڪيترائي ترقياتي منصوبا پيپلز پارٽي جي دور ۾ شروع ٿيا.
هن مطالبو ڪيو ته 2 آگسٽ کان اڳ چونڊن جو سمورو رڪارڊ عوام آڏو آندو وڃي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن چونڊون شفاف هيون ته پوءِ رڪارڊ ظاهر ڪرڻ ۾ هٻڪ ڇو؟ هن اليڪشن ڪميشن کان به غيرجانبداري جو مطالبو ڪيو.
جلسي دوران بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ کي مخاطب ڪندي چيو ته بائيڪاٽ واري سياست ڇڏڻ گهرجي ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪي به سياسي جماعتون ناانصافي جو شڪار ٿيون آهن، اهي گڏجي چونڊ سڌارن ۽ شفاف چونڊن لاءِ ڪم ڪن، ۽ جيڪڏهن گڏيل ايجنڊو رڳو چونڊ سڌارا هوندا ته هو هر جماعت سان سهڪار لاءِ تيار آهي.


