اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ 20 سيٽن مان مسلم ليگ (ن) 13 سيٽون کٽي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته پيپلز پارٽي ڌانڌلي جو بيانيون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر عوام ان کي رد ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن کي چونڊ نتيجن تي اعتراض آهي ته ان لاءِ قانوني فورم اليڪشن ڪميشن آهي، جتي شڪايت داخل ڪري سگهجي ٿي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته مظفرآباد سٽي واري تڪ بابت ن ليگ پنهنجا خدشا اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪندي ۽ جيڪڏهن بي ضابطگيون ثابت ٿيون ته ٻيهر پولنگ جي درخواست ڏني ويندي.
هوڏانهن وفاقي وزير امير مقام چيو ته چونڊن جي ڪاميابي رڳو مسلم ليگ (ن) جي نه، پر جمهوريت جي ڪاميابي آهي. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن ڪاميابي سان پرامن چونڊون ڪرايون، جڏهن ته نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت پارٽي جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.


