ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي فيشل ريڪگنيشن اٽينڊنس مانيٽرنگ اينڊ ايويليوئيشن سسٽم (FRAMES) لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
اجلاس ۾ تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته 17 آگسٽ کان پهرئين مرحلي ۾ سنڌ جي 6 ضلعن ۾ FRAMES جو باقاعده آغاز ڪيو ويندو، جنهن تحت استادن ۽ غير تدريسي عملي جي حاضري فيس ريڪگنيشن ذريعي مانيٽر ڪئي ويندي.
وڏي وزير چيو ته نئون نظام اسڪولن ۾ شفافيت، احتساب، اثرائتي نگراني، اداري جي نظم ۽ تعليمي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته هر ٻار جو حق آهي ته کيس معياري تعليم ملي، جنهن لاءِ استادن ۽ اسڪول عملي جو ذميواريون نڀائڻ ضروري آهي.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چونڊيل 6 ضلعن ۾ تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جي رجسٽريشن، اسڪولن جي جيو ٽيگنگ ۽ سسٽم جون سموريون فني تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. FRAMES آن لائن ۽ آف لائن ٻنهي طريقن سان ڪم ڪندو، تنهن ڪري محدود انٽرنيٽ وارن علائقن ۾ به مؤثر رهندو.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته شروعاتي مرحلي ۾ مضبوط سپورٽ ۽ نگراني جو نظام قائم ڪيو وڃي ۽ ڪاميابي پوءِ FRAMES کي مرحليوار سنڌ جي سمورن ضلعن تائين وڌايو وڃي.


