ڪراچي جي ڪٽي پهاڙي ۾ اميد جي نئين روشني، نوجوان عورت مفت اسڪول قائم ڪري ڇڏيو

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪٽي پهاڙي واري علائقي ۾، جتي غربت سبب ڪيترائي ٻار تعليم کان محروم آهن، اتي نوجوان عورت ريوا خان مفت پرائمري اسڪول قائم ڪري نئين اميد پيدا ڪئي آهي.

ريوا خان دوستن ۽ سماجي حلقن جي سهڪار سان قائم ڪيل اسڪول ۾ نرسري کان ٽئين درجي تائين ٻارن کي مفت تعليم ڏئي رهي آهي. ٻارن کي ڪتاب، ڪاپيون، يونيفارم، جوتا ۽ ٻيو تعليمي سامان به مفت فراهم ڪيو وڃي ٿو.

ريوا خان جو چوڻ آهي ته تعليم ٻارن تائين نه پهچي رهي هئي، ان ڪري هن فيصلو ڪيو ته هو پاڻ تعليم ٻارن جي درن تائين کڻي ويندي. هو روزانو تقريبن 25 ڪلوميٽر سفر ڪري ڪٽي پهاڙي پهچي ٿي ۽ ٻارن سان وقت گذاري ٿي.

اسڪول ۾ رڳو پڙهائي نه پر صفائي، نظم ضبط، اعتماد ۽ سماجي تربيت تي به ڌيان ڏنو وڃي ٿو. استادن موجب ڪجهه مهينن ۾ ٻارن جي لکڻ، پڙهڻ ۽ اعتماد ۾ واضح تبديلي آئي آهي.

اسڪول انتظاميا ٻڌايو ته شروعات ۾ مخالفتن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو، پر والدين جي اعتماد سان ڪم اڳتي وڌندو رهيو. هاڻي داخلائون مڪمل ٿي چڪيون آهن، پر ڪيترائي والدين اڃا به پنهنجن ٻارن جي داخلا لاءِ رابطو ڪري رهيا آهن.

ڪٽي پهاڙي جي هن ننڍڙي اسڪول ۾ ڪيترائي ٻار هاڻي بهتر مستقبل جا خواب ڏسي رهيا آهن، جيڪو تعليم ذريعي تبديلي جي هڪ اميد ڀري ڪوشش بڻجي ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment