سپريم ليڊر سان اختلاف نه آهي، استعيفيٰ نه ڏيندس: ايراني صدر مسعود پزشڪيان

1 Min Read

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان پنهنجي استعيفيٰ بابت هلندڙ افواهن کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته هو پنهنجو عهدو نه ڇڏيندو.

پنهنجي صدارت جي ٻن سالن جي مڪمل ٿيڻ تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ مسعود پزشڪيان چيو ته جيڪڏهن هو استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪندو ته پاڻ باضابطه اعلان ڪندو، پر هن وقت هو استعيفيٰ نه ڏيندو ۽ پنهنجي ذميوارين تي قائم رهندو.

هن فوجي قيادت سان اختلافن وارين خبرن کي به بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته سندس حڪومت فوجي ادارن سان مڪمل هم آهنگي سان ڪم ڪري رهي آهي.

ايراني صدر مجتبيٰ خامنه اي سان اختلافن بابت هلندڙ افواهن کي به رد ڪندي چيو ته ڪجهه ڌريون ملڪ جي قيادت ۾ اختلافن جو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري  رهيون آهن.

واضح رهي ته گذريل ٻن سالن دوران مسعود پزشڪيان جي استعيفيٰ بابت افواهون ڪيترائي ڀيرا سامهون آيون، پر ايراني صدر ۽ سندس آفيس انهن کي هر ڀيري بي بنياد قرار ڏنو آهي.

Share This Article
Leave a Comment