واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته ايران سان آبنائي هرمز ۾ سامونڊي آمدرفت جي بحالي بابت معاهدو ممڪن طور اربع تائين طئي ٿي سگهي ٿو.
سي اين بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته آبنائي هرمز کولجڻ سان عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ استحڪام ايندو ۽ تيل جي قيمتن تي به مثبت اثر پوندو.
اسڪاٽ بيسنٽ موجب آمريڪا ايراني ڌر سان رابطي ۾ آهي ۽ اميد آهي ته اڄ يا سڀاڻي اهڙو معاهدو ٿي سگهي ٿو، جنهن سان آبنائي هرمز ٻيهر کلي ويندي ۽ خطي ۾ معمول واري صورتحال بحال ٿيڻ ۾ مدد ملندي.
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا ان معاهدي تحت ايران کي ٽيرف ۾ ڪا رعايت ڏني ويندي؟ ته هن چيو ته معاهدي جو بنيادي مقصد سامونڊي آمدرفت جي آزادي کي يقيني بڻائڻ آهي.
ٻئي طرف رائٽرز موجب ايران ۽ عمان وچ ۾ آبنائي هرمز جي انتظام بابت هڪ هفتي کان وڌيڪ عرصي کان ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته ايراني اختيارين آمريڪا سان سڌين ڳالهين جي ترديد ڪئي آهي.


