ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻ ايترو سولو ڪم ناهي.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي، پر ڏسڻو پوندو ته ملڪ ان جو بار کڻي سگهي ٿو يا نه. هن چيو ته وڌيڪ صوبا ٺاهڻ کان اڳ ملڪ جي مجموعي جوڙجڪ ۽ حالتن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي.
هن چيو ته محسن نقوي وزيراعظم جي مشاورت کانسواءِ اهڙي ڳالهه نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته ملڪ جي اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ وقت بوقت نوان شوشا ڇڏيا ويندا آهن.
مولانا فضل الرحمان چيو ته محمود خان اچڪزئي گڏيل اپوزيشن جو اجلاس گهرائي ملڪ جي موجوده حالتن تي غور ڪري. جيڪڏهن هو اجلاس نٿو گهرائي ته پوءِ اسين ملڪ گير سطح تي اجلاس سڏائينداسين.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مرضي جون حڪومتون ٺاهيون وينديون ته جمهوريت ڪڏهن به مضبوط نه ٿيندي. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت ڪمزور ٿي چڪي آهي، پارليامينٽ به ڪمزور بڻجي وئي آهي، تنهن ڪري ملڪ کي آئين موجب هلائڻ جي ضرورت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ حالتن جي بهتري لاءِ ڪا واضح قومي پاليسي موجود ناهي، جنهن سبب عوام پريشان آهي. ملڪ کي قومي مفادن ۽ انصاف تي ٻڌل پاليسي جي سخت ضرورت آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته عوام جي سڀ کان وڏي جماعت ۽ ملڪ جي اهم سياسي تحريڪ جمعيت علماءِ اسلام (ف) آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان بلوچستان حڪومت ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو، جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي بلوچستان جو وڏو وزير بڻجڻ بابت مون کي اڳواٽ ڪا ڄاڻ نه هئي.


