اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي محتسب (فوسپا) ويم دوران موڪل ڪندڙ عورت ملازم کي نوڪري مان ڪڍڻ واري عمل کي هراساني قرار ڏيندي لاڳاپيل اداري تي 5 لک رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ متاثر عورت کي ٻيهر نوڪري تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
فوسپا عورت جي داخل ڪيل شڪايت جي ٻڌڻي بعد فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته ويم جي موڪل دوران ملازمه کي نوڪري مان برطرف ڪرڻ غيرقانوني ۽ امتيازي عمل هو، تنهن ڪري اداري تي 5 لک رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي ۽ ملازمه کي سندس عهدي تي بحال ڪيو وڃي.
فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو ته شڪايت ڪندڙ عورت کي 13 نومبر 2025 کان 13 مئي 2026 تائين ڇهن مهينن جي پگهار سميت ويم جي موڪل منظور ڪئي وئي هئي، پر موڪل دوران ئي اداري کيس مقرر مدي کان اڳ ڊيوٽي تي واپس اچڻ جو حڪم ڏنو.
فوسپا موجب، ملازمه وضاحت ڪئي ته سيزيرين (سي سيڪشن) آپريشن کان پوءِ مڪمل صحتيابي، نون ڄاول ٻار جي ننڍي عمر ۽ سندس سارسنڀال لاءِ مناسب انتظام نه هجڻ سبب هوءَ وقت کان اڳ ڊيوٽي تي واپس اچڻ جي قابل نه هئي.
فيصلي موجب، ويم جي موڪل تي هجڻ باوجود، بغير ڪنهن تاديبي ڪارروائي، وارننگ يا شوڪاز نوٽيس جي ملازمه جي سرڪاري اي ميل اڪائونٽ تائين رسائي ختم ڪئي وئي.
فوسپا چيو ته ملازمت ختم ڪرڻ جو فيصلو ان وقت ڪيو ويو، جڏهن ملازمه قانوني طور منظور ٿيل زچگي جي موڪل تي هئي، ۽ کيس موڪل ختم ٿيڻ کان اڳ استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته زچگي جي بنياد تي امتيازي سلوڪ صنفي امتياز جي زمري ۾ اچي ٿو، تنهن ڪري متاثر ملازمه کي ٿيل نقصان جي ازالي طور 5 لک رپيا ادا ڪيا وڃن.
فوسپا اداري کي هدايت ڪئي آهي ته ملازمه کي ٻيهر نوڪري تي بحال ڪري ۽ 15 ڏينهن اندر ان تي عملدرآمد بابت دستاويزي ثبوتن سميت تعميلي رپورٽ رجسٽرار وٽ جمع ڪرائي.


