انساني جانيون ۽ اهم قومي ڍانچو محفوظ رکڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻ ضروري آهي: فيلڊ مارشل

2 Min Read

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) فيلڊ مارشل ،چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جنرل عاصم منير  نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي هيڊڪوارٽر ۾ قائم نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (NEOC) جو دورو ڪيو، جتي کيس جاري مون سون برساتن دوران پاڪستان جي آفتن سان منهن ڏيڻ جي تيارين ۽ گڏيل جوابي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.

اين ڊي ايم اي جي چيئرمين چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز کي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر جي آپريشنل صلاحيتن ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل جوابي نظام بابت آگاهه ڪيو.

بريفنگ دوران ڊزاسٽر لينس 2026 پڻ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ ۾ موجوده مون سون جي صورتحال ۽ مختلف قدرتي خطرن جي نگراني واري نظام بابت تفصيل ڏنا ويا.

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اين ڊي ايم اي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن تياري، مختلف ادارن وچ ۾ اثرائتي هم آهنگي ۽ تيز جوابي ڪارروائي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته انساني جانيون ۽ اهم قومي ڍانچو محفوظ رکڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻ ضروري آهي.

هن يقين ڏياريو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون سول انتظاميا ۽ اين ڊي ايم اي سان گڏجي امدادي، ريسڪيو ۽ بحالي جي ڪاررواين ۾ هر ممڪن سهڪار لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن.

Share This Article
Leave a Comment