ڪٺمنڊو ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مشهور اداڪار پرديپ سنگهه راوت ديهانت ڪري ويو. هو 74 ورهين جو هو ۽ رت جي ڪينسر ۾ مبتلا هو. راوت اڱاري جي شام ممبئي جي اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏنو.
اداڪارا وپنا ٿاپا، جيڪا هن وقت ڀارت ۾ موجود آهي، ٻڌايو ته پرديپ سنگهه راوت ممبئي جي ڪوڪيلا بين اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.
پرديپ سنگهه راوت تيلگو، هندي ۽ تامل فلمن جو به مشهور اداڪار هو. هن هدايتڪار چندر پنت جي نيپالي فلمن “آبات آما” ۽ “هرسوا ديرگها” ۾ پڻ اداڪاري ڪئي.
راوت مشهور ٽي وي سيريل “مهاڀارت” ۾ اشواٿاما جو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته فلمن “سرفروش”، “لگان” ۽ “گجني” ۾ سندس ولن وارا ڪردار به تمام گهڻا مشهور ٿيا.
پرديپ سنگهه راوت جي ديهانت جي خبر سامهون اچڻ کان پوءِ اداڪارا وپنا ٿاپا سوشل ميڊيا ذريعي گهري ڏک جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ڀارتي فلمي صنعت سان لاڳاپيل ڪيترن ئي فنڪارن پڻ سوشل ميڊيا تي کيس خراجِ عقيدت پيش ڪيو.


