عمان ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي گادي واري شهر عمان ۾ القدس بابت ٿيل وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي والاريل فلسطيني علائقن، خاص طور اوڀر القدس ۽ اولهه ڪناري جي بگڙجندڙ صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
هن مسجد اقصيٰ (الحرم الشريف) ۾ مبينا ڀڃڪڙين، اسرائيلي آبادڪاري جي واڌ، آبادڪارن جي تشدد ۽ مقدس ماڳن جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوششن جي سخت مذمت ڪئي.
اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان القدس ۾ اسلامي ۽ عيسائي مقدس ماڳن تي اردن جي هاشمي سرپرستي جي مڪمل حمايت جاري رکندو ۽ والاريل اوڀر القدس تي اسرائيل جي ڪنهن به خودمختياري کي تسليم نٿو ڪري سگهجي.
پرڏيهي وزير عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي غزه ۾ جنگبندي برقرار رکڻ، انساني امداد بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پهچائڻ ۽ فلسطيني عوام جي تحفظ لاءِ عرب ۽ اسلامي ملڪن جي گڏيل سفارتي ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اپيل ڪئي.
اسحاق ڊار فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته خطي ۾ منصفاڻو، جامع ۽ پائيدار امن صرف هڪ آزاد، خودمختيار، قابلِ عمل ۽ جاگرافيائي طور ڳنڍيل فلسطيني رياست جي قيام سان ئي ممڪن آهي، جيڪا جون 1967ع کان اڳ وارين سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ القدس الشريف ان جي گادي جو هنڌ هجي.


