تهران (ويب ڊيسڪ ) ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري هڪ باخبر عملدار جي حوالي سان چيو آهي ته آبنائي هرمز مان سامونڊي آمدرفت جي بحالي بابت عمان سان جاري ڳالهيون مڪمل طور ايران ۽ عمان وچ ۾ آهن ۽ انهن جو آمريڪا سان ڪو به لاڳاپو ناهي.
عملدار موجب، جيڪڏهن آمريڪا طرفان مبينا ڀڃڪڙيون جاري رهيون ته ايران ۽ عمان وچ ۾ معاهدو ٿيڻ باوجود آبنائي هرمز کي فوري طور نه کوليو ويندو. هن چيو ته سامونڊي آمدرفت جي بحالي آمريڪي روئي ۾ تبديلي ۽ مبينا ڀڃڪڙين جي ازالي سان لاڳاپيل هوندي.
ٻئي طرف، تسنيم نيوز ايجنسي ۽ ٻين ايراني ميڊيا، سپاه نيوز جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته آبنائي هرمز بابت عمان سان معاهدي ۾ دير جو هڪ وڏو سبب آمريڪي مداخلت ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون ڌمڪيون آهن.


