ملير ( رپورٽ: شاهد ڇڄڙو ) ملير پوليس ۽ سي پي ايل سي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڀنگ لاءِ مبينا اغوا جو ڊرامو بي نقاب ڪري مغوي محمد اسماعيل کي محفوظ نموني بازياب ڪرائي ورتو.
پوليس موجب شاهه لطيف ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر کانپوءِ ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق جي هدايت تي پوليس ۽ سي پي ايل سي جي گڏيل ٽيم جديد ٽيڪنيڪل ذريعن، سي ڊي آر، ٽاور لوڪيشن، رابطن جي جاچ ۽ ڳجهي معلومات جي بنياد تي جاچ شروع ڪئي.
جاچ دوران معلوم ٿيو ته مغوي جي موبائل فون تان گهرڀاتين کي مختلف وقتن تي ڪالون ڪري پاڻ کي پوليس اهلڪار ظاهر ڪيو ويو، جڏهن ته بعد ۾ افغانستان ۾ رجسٽرڊ نمبر تان ڀنگ طلب ڪرڻ لاءِ ڪالون ڪري گهرڀاتين کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ٽيڪنيڪل شاهدين جي بنياد تي گڏيل ٽيم مٽياري ضلعي جي علائقي ڀٽ شاهه، هالا ۾ ڪارروائي ڪري محمد اسماعيل کي بازياب ڪرائي ورتو. پوليس جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ته مبينا اغوا جو منصوبو محمد اسماعيل پنهنجي ساٿين فرحان ۽ عمران سان گڏجي رٿيو هو ته جيئن گهرڀاتين کان ڀنگ وصول ڪري سگهجي.
پوليس موجب ڊرامي کي حقيقي ڏيکارڻ لاءِ جوابدار عمران مبينا طور محمد اسماعيل جي ٽنگ ۾ گولي پڻ هنئي. عمران فرار آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته ڪيس بابت وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.


