اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ مالڪ ۽ ڪرائي دار جي وچ ۾ تڪرار بابت اهم فيصلو ٻڌائيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ڪراچي جي علائقي صدر ۾ واقع هڪ عمارت سان لاڳاپيل ڪيس جو 8 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو، جيڪو جسٽس عقيل احمد عباسي لکيو.
فيصلي ۾ عدالت چيو آهي ته مالڪ کي پنهنجي ملڪيت استعمال ڪرڻ جو مڪمل قانوني اختيار حاصل آهي ۽ هو پنهنجي ملڪيت جي استعمال بابت ڪرائي دار جي خواهش جو پابند ناهي.
سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته قانوني اصول موجب مالڪ پنهنجي ضرورت جو پاڻ بهترين منصف هوندو آهي، ۽ جيڪڏهن مالڪ پنهنجي ملڪيت استعمال ڪرڻ بابت حلف نامو پيش ڪري ته اهو سندس ضرورت جو ڪافي ثبوت سمجهيو ويندو.
عدالت ڪرائي دار کي حڪم ڏنو آهي ته هو ڇهن مهينن اندر فليٽ خالي ڪري.
ڪيس دوران ڪرائي دار موقف اختيار ڪيو هو ته عمارت ۾ ٻيا به ڪيترائي فليٽ خالي موجود آهن، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ انهيءَ بنياد تي ڪرائي دار جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو، جنهن کي هاڻي سپريم ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.


