حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ڪري ڇڏيو

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پيٽروليم ڊويزن 7 آگسٽ کان لاڳو ٿيندڙ نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 3 رپيا 19 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب گهٽتائي کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 329 رپيا 82 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ هڪ رپيو 50 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 382 رپيا 36 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نوان اگهه 7 آگسٽ کان لاڳو هوندا.

Share This Article
Leave a Comment