آمريڪا ناڪام حڪمت عملي اختيار ڪئي، حقيقتون تسليم ڪري پنهنجا واعدا پورا ڪري: ايراني اسپيڪر

1 Min Read

تهران: ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف آمريڪا تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته واشنگٽن ناڪام حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ۽ جنگبندي بابت ڪيل اڳوڻن واعدن تي عمل ڪرڻ بدران بار بار “ڊرامائي سفارتڪاري” جو مظاهرو ڪري رهيو آهي.

ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ لکيو ته، “وڏو حملو ٿيڻ وارو آهي، ترسو… نه، هاڻي هو ڳالهين جي ڳالهه ڪن ٿا.”

هن جو اشارو بظاهر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏانهن هو، جنهن ايران تي حملي جون ڌمڪيون ڏيڻ کان ٿوري ئي دير پوءِ انهن کي روڪڻ ۽ ڳالهين جي ڳالهه ڪئي.

محمد باقر قاليباف وڌيڪ چيو ته اها ساڳي بار بار ورجائي ويندڙ “ڊرامائي سفارتڪاري” آهي، جنهن سان ڪو به هاڪاري نتيجو نڪرڻ وارو ناهي.

هن آمريڪا تي زور ڀريندي چيو ته حقيقتن کي تسليم ڪري، جنگبندي بابت پنهنجن واعدن جي پاسداري ڪري ۽ ذميواراڻو رويو اختيار ڪري.

Share This Article
Leave a Comment