واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران خلاف جاري جنگ تمام جلد پنهنجي پڄاڻي تي پهچندي، ڇو ته سندس خيال ۾ ايران گهڻي عرصي تائين جنگ جاري رکڻ جي قابل نه رهندو.
صحافين سان عالمي ۽ آمريڪي توانائي جي قيمتن بابت ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته کيس نٿو لڳي ته ايراني گهڻي دير تائين جنگ جاري رکي سگهندا، تنهن ڪري هي جنگ جلد ختم ٿي ويندي.
ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هو آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيتھ جي ڪارڪردگيءَ مان انتهائي خوش آهي.
ايران خلاف جاري فوجي ڪارروائين جو دفاع ڪندي ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته سڀ ڪجهه غيرمعمولي نموني هلي رهيو آهي ۽ ايران کي اهڙو سخت نقصان پهچايو ويو آهي، جنهن جو مقصد اهو يقيني بڻائڻ آهي ته هو مستقبل ۾ ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل نه ڪري سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته سندس نظر ۾ صورتحال تمام سٺي نموني اڳتي وڌي رهي آهي.


