سکر: هاءِ ڪورٽ طرفان ٺري ميرواهه واسي نوجوان کي 7 سيپٽمبر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم

2 Min Read

سکر(عبدالغفور شيخ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ٺري ميرواهه واسي مبينا طور کنڀي گم ڪيل نوجوان خليل احمد شر جي بازيابي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ايس ايس پي خيرپور کي 7 سيپٽمبر تائين نوجوان کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ جسٽس ارباب علي هڪڙو جي سنگل بئنچ ٺري ميرواهه جي رهواسي خليل احمد شر جي مبينا گمشدگي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار محمد خان شر جي وڪيل راجا الطاف احمد موقف اختيار ڪيو ته ڏيڍ سال اڳ نوشهروفيروز پوليس بنا ڪنهن قانوني جواز جي خليل احمد شر کي کنڀي کڻي وئي، جنهن کانپوءِ سندس ڪا به خبر نه پئي آهي.

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نوجوان جا وارث سخت پريشان آهن ۽ کين خدشو آهي ته گم ڪيل نوجوان کي ڪنهن به قسم جو جاني نقصان پهچايو ويو هجي.

ٻڌڻي دوران ايس ايس پي نوشهروفيروز روحل کوسو ۽ ايس ايس پي خيرپور جو نمائندو عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت ايس ايس پي نوشهروفيروز کان نوجوان جي مبينا گمشدگي بابت وضاحت طلب ڪئي، پر جواب اطمينان جوڳو نه هجڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايس پي خيرپور کي هدايت ڪئي ته 7 سيپٽمبر تائين مبينا طور کنڀي گم ڪيل نوجوان خليل احمد شر کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment