لاڙڪاڻي ۾ خانگي اسڪول اندر فائرنگ، پرنسپال سخت زخمي

1 Min Read

لاڙڪاڻو(علي گل ڏيٿو) دڙي ٿاڻي جي حد نوان تڪ واري علائقي ۾ مبينا طور ملڪيتي تڪرار تان هٿياربند خانگي اسڪول ۾ داخل ٿي پرنسپال نجيب الله کوهارو تي فائرنگ ڪري کيس سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا.

نوان تڪ واري علائقي ۾ قائم الحفيظ ڊيسينٽ اسڪول ۾ مبينا طور هٿياربند داخل ٿي اسڪول جي پرنسپال نجيب الله پٽ عبدالحفيظ کوهارو تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو.

واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل گڏ ڪيا ۽ زخمي پرنسپال کي فوري طور علاج لاءِ ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

زخمي جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته سندن پنهنجي برادري جي ڪجهه ماڻهن سان ملڪيت جو پراڻو تڪرار هلندڙ آهي.

سندن چوڻ هو ته مصباح الدين عرف راجا کوهارو، بلال کوهارو، اعجاز جتوئي ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي اسڪول ۾ داخل ٿي نجيب الله کوهارو تي فائرنگ ڪئي ۽ کيس زخمي ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا.

متاثر ڌر ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آهي ته حملي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment