رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل گڏيل دفاعي معاهدي کي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته ان جا مثبت اثر سڄي خطي تي پوندا.
ٽه ملڪي معاهدي تي رد عمل ڏيندي سعودي پرڏيهي وزير چيو ته هي دفاعي معاهدو پاڪستان ۽ ترڪي سان سعودي عرب جي مضبوط لاڳاپن ۽ گڏيل سهڪار جي عڪاسي ڪري ٿو. هن معاهدي کي ترڪي ۽ پاڪستان سان دفاعي تعاون ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو.
فيصل بن فرحان موجب مڪو معاهدو امن ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ ٽنهي ملڪن جي گڏيل سياسي عزم کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته اهڙو تعاون خطي ۾ سلامتي کي مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل مفادن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
ياد رهي ته سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جنهن تحت ڪنهن به هڪ ملڪ تي حملو ٽنهي ملڪن خلاف حملو تصور ڪيو ويندو.
معاهدي کي ٽنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي تعاون، اسٽريٽجڪ ڀائيواري ۽ علائقائي سلامتي جي حوالي سان اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.


