گمبٽ: شاهه حسين ٿاڻي جي حد مان 2 نامعلوم لاش هٿ

1 Min Read

گمبٽ: (ممتاز ميمڻ) شاهه حسين ٿاڻي جي حد ۾ مٺو مري ۽ انصاري سي اين جي وٽان 2 نامعلوم ماڻهن جا لاش لاوارث حالت ۾ هٿ آيا آهن.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي لاشن کي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتي لاش سردخاني ۾ رکيا ويا آهن.

پوليس موجب هن وقت تائين ٻنهي لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment