نوشهروفيروز: آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

1 Min Read

نوشهروفيروز: (محمد عادل عباسي) پوليس ڪانسٽيبل جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

عورتن سميت عتيق الرحمان وسطڙو، عاشق ڪورائي، جمشيد عامر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اميدوارن الڪوثر چونڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو.

اميدوارن چيو ته هنن 2024ع ۾ پوليس ڪانسٽيبل جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ پاس ڪئي، پر اڃا تائين آفر آرڊر جاري نه ڪيا ويا آهن. سندن چوڻ هو ته آءِ جي سنڌ پاران 15 هزار نين ڀرتين جو اعلان باوجود کين نظرانداز ڪيو پيو وڃي.

اميدوارن مطالبو ڪيو ته ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي فوري طور آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment