نوابشاهه ويجهو ڊمپر جو رڪشا کي ٽڪر، پيءُ ۽ پٽ فوت، خاصخيلي برادري جو احتجاج

1 Min Read

نوابشاهه: (اي ڪي ڏاهري) بالو جا قبا ٿاڻي جي حد ۾ تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ لوڊر رڪشا سوار پيءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا.

ڪنگري جا رهواسي انور خاصخيلي ۽ سندس پٽ تنوير خاصخيلي رڪشا ۾ کجيون کڻي وڃي رهيا هئا ته پٺيان ايندڙ ڊمپر کين ڪچلي ڇڏيو.

حادثي کانپوءِ خاصخيلي برادري جا سوين ماڻهو اسپتال پهچي ويا ۽ پوليس جي مبينا لاپرواهي خلاف احتجاج ڪيو.

وارثن مطالبو ڪيو ته ڊمپر مالڪ ۽ ڊرائيور خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ لاش نه کڻڻ جو اعلان ڪيو.

علائقي واسين موجب تيز رفتار گاڏين خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ سبب اهڙا حادثا وڌي رهيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment