فيلڊ مارشل عاصم منير ايران روانو، وچ اوڀر ۾ امن لاءِ ڪوششن تي ڳالهيون ٿينديون

1 Min Read

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تحت ايران روانا ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير ايران ۾ وچ اوڀر جي تڪرار جي پرامن، پائيدار ۽ جامع حل لاءِ جاري ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندو.

Share This Article
Leave a Comment