مٽياري: (عادل خشڪ) خاصخيلي واٽر ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪوچ جي چنگچي رڪشا کي ٽڪر لڳڻ سبب 15 ڪيلي جا مزدور زخمي ٿي پيا، جن مان بائوديرو واسي لکو ڪولهي جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي ۽ کيس حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب مزدور مزدوري بعد کنڊو کان بائوديرو وڃي رهيا هئا، جڏهن ته کيبراڻي پوليس حادثي ۾ ملوث ڪوچ تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.


