زيتون جي پوک سان هر سال 400 ملين ڊالر تائين بچت ٿي سگهي ٿي: وزيراعظم

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ زيتون جي پيداوار ۽ برآمدن ۾ واڌ لاءِ پاڪستان جي پهرين نيشنل اوليو ويليو چين پاليسي جاري ڪري ڇڏي.

اسلام آباد ۾ پاليسي جي اجرا واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته زيتون جي پوک کي هٿي ڏيڻ سان ملڪ کي هر سال 400 ملين ڊالر تائين پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿي سگهي ٿي.

شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 60 هزار ايڪڙن تي زيتون جي پوک ڪئي پئي وڃي، جيڪا پاڪستان ۾ زرعي شعبي لاءِ اهم اڳڀرائي آهي.

وزيراعظم چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هاڻي زيتون پوکيندڙ آبادگارن کي سهولتون فراهم ڪنديون، جڏهن ته زرعي انقلاب لاءِ عملي قدم کڻڻ ۽ هارين کي هر ممڪن سهڪار ڏيڻ ضروري آهي.

هن چيو ته پاڪستان هر سال تقريبن 4 ارب ڊالر جو خوردني تيل درآمد ڪري ٿو. جيڪڏهن ملڪ ۾ زيتون جي پوک کي وڌايو وڃي ته درآمدي تيل تي خرچ ٿيندڙ رقم مان وڏي بچت ڪري سگهجي ٿي.

شهباز شريف موجب زيتون جي پوک ۾ آبادگارن، زرعي ماهرن ۽ محققن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي ۽ انهن جي محنت سبب ملڪ ۾ زيتون جي پوک جو دائرو وڌيو آهي.

وزيراعظم اٽلي جي حڪومت ۽ سفير جو پڻ شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هر سال 100 پاڪستاني گريجوئيٽس کي اٽلي موڪليو ويندو، جتي اهي زيتون سميت مختلف زرعي شعبن ۾ تربيت حاصل ڪندا.

تقريب دوران اٽلي جي سفير ۽ پاڪستان جي وفاقي وزير زراعت پڻ زيتون جي ويليو چين، آبادگارن جي تربيت ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجي بابت خيالن جو اظهار ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment