رينجرز انسپيڪٽر قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي موت جي سزا

1 Min Read

نوابشاهه ( رپورٽ: اي ڪي ڏاهري )  دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد بينظير آباد رينجرز انسپيڪٽر شارق جنجوعه قتل ڪيس جو اهم فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

اسپيشل جج عبدالغفور ڪلهوڙو کلي عدالت ۾ فيصلو ٻڌائيندي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن مرڪزي جوابدارن ڪريم بخش گوپانگ ۽ سرور راهو کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

عدالت موجب ٻنهي جوابدارن خلاف ڪرائيم نمبر 69/2024 واري ڪيس ۾ الزام ثابت ٿيا، جنهن کانپوءِ کين ڦاهي جي سزا جو حڪم ڏنو ويو.

مقدمي ۾ سرڪار طرفان اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل ايڊووڪيٽ اسدالله خان چنه ۽ ايڊووڪيٽ اظهر نظام بلوچ عدالت ۾ دليل پيش ڪيا.

Share This Article
Leave a Comment