جيڪب آباد:( حاڪم علي) سي آءِ اي پوليس پراڻي بس اڏي تي ڳجهي ڪارروائي ڪندي 2 عورتن سميت 3 افغاني شهرين کي گرفتار ڪري ورتو.
سي آءِ اي انچارج محمد عمر بنگلاڻي موجب گرفتار ٿيلن ۾ افغاني شهري دائود، سندس گهرواري بسمه ۽ ڌيءَ سائره شامل آهن. پوليس موجب ٽئي ڪوئيٽا کان جيڪب آباد آيا هئا.
سي آءِ اي انچارج جو چوڻ آهي ته گرفتار افغاني شهرين وٽ پاسپورٽ موجود آهن، پر ويزا نه هجڻ سبب کين گرفتار ڪيو ويو آهي. وڌيڪ جاچ جاري آهي.


