مٽياري: مقامي رهواسين کان ٽول ٽيڪس وٺڻ خلاف عبوري حڪم برقرار

1 Min Read

مٽياري: (عادل خشڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ مٽياري ڀرسان قائم ٽول پلازا بابت اهم حڪم جاري ڪندي مقامي رهواسين کان ٽول ٽيڪس جي وصولي معطل رکڻ جو اڳوڻو عبوري حڪم برقرار رکيو آهي.

عدالت جي 20 آگسٽ 2026ع واري حڪم موجب نئين ٽول پلازا ۽ سعيدآباد ٽول پلازا وچ ۾ 30 کان 35 ڪلوميٽر فاصلي سبب مقامي ماڻهن تي واڌو مالي بار بابت درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

عدالت قرار ڏنو ته 20 مارچ 2025ع جو عبوري حڪم هن معاملي تي به لاڳو رهندو. ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 10 آڪٽوبر 2026ع تي ٿيندي، جڏهن ته عبوري حڪم ان وقت تائين برقرار رهندو. درخواست وڪيل سيد شفيق شاهه پاران داخل ڪئي وئي هئي.

Share This Article
Leave a Comment