تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران پاڪستان جي فيلڊ مارشل عاصم منير جي ايران واري دوري کي انتهائي مثبت قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته دوري دوران اهم سفارتي ڪاميابيون حاصل ٿيون، جن جا نتيجا جلد سامهون اچڻ شروع ٿيندا.
ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني موجب، پاڪستاني ۽ ايراني اعليٰ اختيارين وچ ۾ ملاقاتون انتهائي خوشگوار ۽ مثبت ماحول ۾ ٿيون.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقاتن دوران ايران-آمريڪا تڪرار، وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، آبنائي هرمز ٻيهر کولڻ ۽ علائقائي امن لاءِ تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي غور ڪيو ويو.
ايراني قيادت علائقائي امن، ڳالهين ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيو.


